اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چ??و آهي ته حڪومت جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون لاڀائتيون ثابت نه ٿيون، حڪومت پنهنجن وعدن تي قائم آهي، مارچ جي منتظمين پنهنجي مرڪز واپس وڃڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪن. پنجاب ۾ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪيو و??و آهي، دهشتگردي ايڪٽ تحت رينجرز کي سمورا اختيار حاصل آهن، صورتحال تي وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، ايف آءِ اي کي سوشل ميڊيا تي قابض اعتراض مواد خلاف ڪ??رروائيءَ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪم??ٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪم??ٽيءَ جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري، بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي ۽ آرمي چيف کان علاوه هٿياربند فوج جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي رٽ ۽ امان امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون، جنهن ۾ حڪومت جي نمائندگي مان ۽ نورالحق قادري ڪنداسين. هن چيو ته ڪالهه آرٽيڪل 147 تحت پنجاب پوليس رينجرز جي ماتحت ڪيو ويو، پنجاب حڪومت کين ضرورت مطابق ڪٿي به ڪتب آڻي سگهي ٿي،
اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا احسن طريقي سان حل ٿين. جي ٽي روڊ تي 12 ربيع الاول کان وٺي هن وقت تا??ين ڌرڻن ۽ مارچن کان عوام متاثر ٿي ره??و آهي، ان دوران هنگامن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 80 کان وڌيڪ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 6 کان 8 تا??ين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. گهرو وزير چيو ته لٺ بردار پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون ويون، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. هن چيو ته مان ڳالهين کان پوءِ جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، حڪومت ان تي قائم آهي پر جي ٽي روڊ کولڻ ۽ مرڪز واپس وڃڻ جو وعدو ٻي ڌُر جو هو جيڪو انهن پورو نه ڪيو. جيڪڏ??ن ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته قوم کي اعتماد ۾ ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان قوم کي صورتحال کان آگاهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته صورتحال جي حوالي سان ڀارت، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن مان واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي مواد اپ لوڊ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان کان جيڪي ماڻهو ان ڪارروائيءَ ۾ ملوث آهن انهن خلاف ايف آءِ اي کي ڪارروائيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ان صورتحال سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو ٿي ره??و آهي، مان توقع رکان ٿو ته قومي نقصان نه ٿئي، پوليس جون جانيون به قيمتي آهن، سعد رضوي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، لاهور ۾ پڻ ڳالهيون ٿيون هيون پر ڳالهيون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي ستون ڀيرو مارچ لاءِ نڪتا آهن عوام کي ان صورتحال سبب وڏي تڪليف جو مُنهن ڏسڻو پئجي ره??و آهي، رينجرز کي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ سمورا اختيار حاصل آهن، اميد ٿا ڪريون ته ڳالهين سان مسئلي جو ڪو حل نڪرندو.