لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده حڪومت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان لاءِ پنجاب حڪومت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي ح??الي سان قانونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي حراسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي اوز ۽ انساني ح??ن جي تنظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي ح??الي سان پنجاب حڪومت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو سمورو مرحلو قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چيو ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان پر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ اسان جي ديني ۽ معاشرتي ذمي??ار?? آهي. صدر چيو ته ??ن اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ا??ار?? سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي غرض سان معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ح??الي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ا??ار?? پاران مون کي ٻڌايو ويو ته حڪومت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آسان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده ??رو?? ڪري رکيو آهي. عارف علوي چيو ته ??ون کي اهو ٻڌي ح??راني ٿي ته حڪومت پاران فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان مان فائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا لاڳاپيل ا??ار?? جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ??و ان سلسلي ۾ عورتن جي اصلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته ??و حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن ڇو ته اهو پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان لاءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي جڏهن ته حڪومت صنفي امتيازي جي هر سطح تي ح??صلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي حجاب جي ح??الي سان صدر ڀارتي صحافي ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي حجاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست قرار ڏنو آهي. عارف علوي چيو ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ معيشت سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ??نهنجي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته عورتون حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان مستفيد ٿيڻ لاءِ لاڳاپيل بئنڪن ۽ ا??ار?? سان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪو بي حد آسان يا نه هجڻ جي برابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي ح??راني ٿي. هن چيو ته عورتن کي گهرجي ته ??و بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته ??و قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ هو بئنڪ وڃن يا لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.
عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری