اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريدار?? جي لاءِ ٽينڊر، فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ نرمي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين جي صدارت ۾ ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، نجڪاري واري وفاقي وزير محمد مي??ن سومرو، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خ??ن سواتي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاور ڊويزن واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پيٽروليم واري وزارت پاران اجلاس ۾ فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني بابت سمري پيش ڪئي وئي ته جيئن ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ ۽ مرمت ۽ بحالي جا خرچ پورا ڪري سگهي، ڪمپن?? جي لاءِ ٽيرف جي منظوري 20 سال اڳ 2000ع ۾ 20 سالن جي لاءِ ڏني وئي هئي ۽ ان تي ان عرصي ۾ نظرثاني نه ڪئي وئي هئي، ڊگهي بحث کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سالن جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ادائيگي برابر پاڪستاني رپين ۾ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت، اوگرا، پي ايس او، ميسرز اي ايف فرگوسن، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، منصوبابندي ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ڪميٽي 2012ع کان وٺي 2020ع جي مدي ۾ ٽيرف ۾ فرق بابت معاملن جو فيصو ڪندي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت پاران پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين کي نرمي ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي، اي سي سي نرم?? جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪارپوريٽ گورننس رولز جي اصولن موجب انهن ڪمپنين جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي قيادت ۾ آزاداڻو بورڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت خدمتن ۽ ضابطن واري وزارت پاران خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي سمر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق ٽيڪس چوري ۽ ڪجهه شين تي ادا جوڳي ڊيوٽيز جي عدم ادائيگ?? جي ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي روڪٿام لاءِ ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽ ورڪ (آيرن) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت هڪ سمري پيش ڪئي. آيرن تحت اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي ضلعن مان نڪرندڙ شين جي چيڪنگ پڻ ٿي سگهندي. اي سي سي ??ن سمري جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. بطور چيئرمين ڪميٽي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جي لاڳو ڪرڻ ۾ ايف بي آر حراسان ڪرڻ بدران خيرسگال?? جي فضا قائم ڪندي، ??ن سان گڏوگڏ ايف بي آر قومي ناڻي ۾ اضاف?? جي لاءِ ٽيڪس چور?? جي خاتمي ۽ ٽيڪس بنياد ۾ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندي. ان ڏس ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جي باضابطا نظام جي پيروي ڪئي ويندي. ناڻي واري وفاقي وزير ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته اهو ٽيڪس وصولي ۾ انفورسمينٽ جي روايتي طريقيڪار بدران جديد ترين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪري. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزارت جي سفارش تي ڪابينا جي هدايت موجب ملڪ ۾ جاري مالي سال دوران ڪڻڪ جا اسٽرِٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي خريدار?? جي هدايت جي تعميل جي ڏس ۾ هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريدار?? جي لاءِ ٽينڊر جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جو عمل جاري رهي. ڪميٽي ٽي سي پي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جي نظام الاوقات ۽ ٻين گهرجن بابت وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ