فيصل آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا جنهن کا??پوءِ شهرين کي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي جون وڌيڪ معياري ۽ بهترين سروسز ميسز اچي وينديون. واسا هيڊ آفيس ۾ ايف ڊي اي جي چيئرمين ۽ پنجاب اسي??بل?? جي ميمبر لطيف نذر، ايم ڊي واسا جبار انور ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار جي ويزن موجب شهرين کي سيوريج جي سهولتن ۽ صاف پاڻي جي فراهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي پيڪيج تحت جاري ڪيل فنڊن مان ترقياتي اس??يمن تي تعيمراتي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته نئين اس??يمن جا ورڪ آرڊرز جلد جاري ڪيا ويندا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وارث پوره، برڪت پوره، دائود نگر، چمن زار، ابن مريم ڪالوني، خوشحال ٽائون، الحسن ٽائون، ملکانواله روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيوريج لائينن، واٽر سپلائي جي مرمت ۽ ??بد??لي جي ترقياتي اس??يمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايف ڊي اي جي چيئرمين لطيف نذر چيو ته ايف ڊي اي ۽ واسا گڏيل طور تي شهرين کي سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ منظور ٿيل ترقياتي اس??يمن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ته جئين عوام جا مسئلا جلد کا?? جلد حل ٿي سگهن. واسا جي ايم ڊي جبار انور چيو ته واسا محدود وسيلن ۾ سيوريج جي معياري سروسز فراهم ڪري رهيو آهي تنهن هوندي به قومي ۽ صوبائي اسي??بل?? جي مشاورت سان ترقياتي اس??يمن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان شهر ۾ سيوريج جي پاڻي جي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي ۾ وڌيڪ بهتري ممڪن ٿيندي. هن اپيل ڪئي ته آلودگي ?? بدبوءَ کا?? پاڪ ماحول لاءِ سيوريج سسٽم ۾ گند ڪچرو نه اڇليو وڃي، هن سيوريج جي نظام کي بحال رکڻ ۾ عوامي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.
فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری