اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هي پاڪستاني قوم جي لازوال قربانين جو ثمر ??هي جو پاڪستان دهشتگردي کان پاڪ ٿي رهيو ??هي ۽ امن جا اجالا نظر اچي رهيا آهن، دهشتگردي خل??ف پاڪستاني قوم جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، اسان قيام پاڪستان کان وٺي تعمير پاڪستان تائين وڏا وڏا سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هڪ خوشحال پاڪستان اڀري سامهون اچي رهيو آهي. هتي پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 23 مارچ يوم پاڪستان جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ ??هي جنهن ڏينهن قرارداد پاڪستان منظور ٿي هئي ۽ علامه ??قب??ل جي خواب جي تعبير لاءِ ??ائ??اعظم محمد علي جناح تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ هر شخص ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ تحريڪ جي ڪاميابي سان پاڪستان وجود ۾ آيو.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں