اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو آهي ته مون ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان استعيفا طلب ناهي ڪئي، اسحاق ڊار کي عدالت سزا ناهي ڏني، ڪيس هلندي عهدو نه رکڻ تي آئين ۾ ڪا به پابندي نه آهي، اسحاق ڊار کان وڌيڪ ڪو ٻيو بهتر ناڻي وارو وزير نٿو ٿي سگهي، ايل اين جي جي معاهدي جي هر طرح سان ذميداري منهنجي آ??ي، اسان معاهدي جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ تفصيلي طور تي آگاهي ڏني آ??ي، مون تي الزام اهو هڻي جنهن جا هٿ صاف هجن، اقتدار جي منتقلي بهتر نموني ٿيڻ جمهوريت جي فتح آهي، ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آ??ي پر اهڙيون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومتن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو به فرق نه پوي، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو عوا?? قبول ناهي ڪيو ۽ اهو تاريخ تي ڇڏيو وڃي ته اهو فيصلو صحيح هو يا غلط، هن چيو ته اقتدار جي منتقلي بهتر انداز ۾ ٿيڻ سان جمهوريت جي فتح ٿي آ??ي، ڇو ته گهڻن جو خيال هو ته ڪيترائي ايم اين ايز پارٽي ڇڏي ويندا ۽ ووٽ نه ڏيندا ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي پر انهن سڀني ڳالهين جي نفي ٿي ۽ اقتدار بهتر نموني سان منتقل ٿي ويو ۽ ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿي، هن چيو ته 28 جولاءِ جي فيصلي تي تاريخ پنهنجو ضرور فيصلو ٻڌائيندي
حڪومت ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں