اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪشميري ۽ پاڪستانين کي جدا نه ٿو ڪري سگهجي، پ??رليامينٽ جي سمورين سياسي پارٽين جي حمايت سان هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي خراب ح??لت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون وينديون. آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن اجلاس پاڪستان کي مضبوط ۽ ڪشمير ڪاز کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو آهي. اسان قومي اهميت جي معاملن خاص طور تي ڪشمير ڪاز تي متحد آهيون. هن چيو ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد مقامي آهي جنهن جو مينڊيٽ قومي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد ۾ ڏنو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II