اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ک?? عالمي مارڪيٽ ۾ سڪوڪ بانڊ وسيلي اميدن کان وڌيڪ پنجوڻ تي پذيرائي ملي آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ڪجهه هف??ن کان اسان سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ??يو جنهن جي لاءِ دبئي، لنڊن، بوسٽن ۽ نيويارڪ ۾ شو ڪيا ۽ اڱاري جي شام اهي روڊ شو ختم ٿيا لائين آف ڪنٽرول جي حالتن باوجود 0.6 سيڪڙو قيمت ۾ لاٿ آئي، سٽي بئنڪ، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ، بئنڪ اسلامڪ، بئنڪن سميت پنجن بئنڪن ان سڄي عمل کي مڪمل ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ