واشنگٽن – 05 اپريل (اي پي پي) آمر??ڪا شام قونصل خاني تي فضائي حملي کانپوءِ اسرائيل ۽ ايران جي امڪاني جنگ بابت خبردار ڪيو آهي. آمريڪي قومي سلامتي ڪونسل جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ڪو آرڊينيٽ?? جان ڪربي سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته شام ۾ اسرائيل طرفان ايران قونصل خاني تي موتمار فضائي حملي کانپوءِ آمر??ڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ امڪاني جنگ جو ??مڪان ڏسي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان ڳڻتي پڻ آهي، آمر??ڪا فڪرمند آهي ڇاڪاڻ ته ايران طرفان اسرائيلي رياست کي شديد خطرو درپيش آهي. جان ڪربي وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته اسان اسرائيل کي ج??ڪا سيڪيورٽي امداد فراهم ڪريون ٿا اها رڳو غزه لاءِ ناهي ۽ اسان انهن خطرن خلاف اسرائيل جي مدد جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته آمر??ڪا اسرائيل سان هميشا گڏ بيٺل رهندو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ