اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي سمو??ين ڌ??ين سان مشاورت جو عمل جاري آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊ??گ ڪميٽين کي پڻ ان حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو آهي، فيڪ نيوز وڏو چئلينج آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڪانٽريڪٽ تي عملدرآمد مسئلو آهي، پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس نه آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هجي ها ته مشاورت نه ڪريون ٿا، وار آف اوپينيئن ۽ عيرروايتي جنگ لاڳو ٿي چڪي آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي کي پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو. اسٽينڊ??گ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪميٽي کي ٻڌا??و ته پي ايم ڊي اي تي سمو??ين ڌ??ين سان مشاورت جاري آهي. ه?? ٻڌا??و ته اي يو ڊس انفوليب 750 جعلي ويب سائيٽس کي بي نقاب ڪيو، ناليوا??ين شخصيتن جا جعلي اڪائونٽس ٺاهي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چ??و ته سمو??ين ڌ??ين کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيون ٿا ته پي ايم ڊي اي سان اظهار راءِ جي آزادي تي ڪا پابندي نه لڳندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته باقي ملڪن وانگر فيس بڪ، ٽوئيٽر، نيٽ فليڪس، يوٽيوب ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم جون آفيسون پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ گهرجن، نئين ايڊورٽائيزنگ پاليسي ۾ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪي پي آءِ ڊي سان رجسٽرڊ هوندا انهن کي سرڪاري اشتهار ملي سگهندا. ه?? ٻڌا??و ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواست جو 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان جي خلاف ميڊيا ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهبو، هتي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهندو. هن چ??و ته ماضي ۾ اهڙيون روايتون نه هيون، ڪنهن به قانون جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ اسٽينڊ??گ ڪميٽي ڏانهن ويندو هو. هن چ??و ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، ان اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، سينيٽ ۽ اسٽينڊ??گ ڪميٽي جا ميمبر پي ايم ڊي اي تي پنهنجي پارٽي قيادت کي ٺوس بريفنگ ڏين. هن چ??و ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته ايم ڊي اي ۾ صحافين جي تربيت ۽ تحقيق کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، پي ايم ڊي اي ٺاهڻ سان فنانشل بجيٽ ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري ادارا هڪ ڇت هيٺ اچي ويندا، بنيادي طور تي ٻه آپشن هئا، ميڊيا بابت سمورن قانونن ۾ ترميمون ڪيون وڃن يا هڪڙو ئي قانون آندو وڃي.
پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔