اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سا?? ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ مالياتي اشارن جي حوالي سا?? پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي شديد متاثر ڪيو آهي، ڪورونا جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور تي شديد متاثر ٿيا آ??ن، ڪورونا عالمي وبائي چئلينجن جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.
تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي وٺنداسين: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ