اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف افغانست??ن ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغان جنگ پاڪست??ن ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پ??هنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان به رکي ٿو. سينيٽ جي اجلاس دوران ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪي صدر جي نئين پ??ليسي ۽ 22 آگسٽ 2017ع جي اعل??ن ۾ پاڪستان بابت بيان جي حوالي سان قومي سلامتي جي اهم مع??ملي تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ان مع??ملي تي غور ڪيو ويو، هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانست??ن ۾ آمريڪا سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان افغانين جي ذريعي افغان قيادت ۾ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان جنگ پاڪست??ن ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پ??هنجي سرزمين تي هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي، پاڪستان ان دوران هزارين جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، اسان ان جنگ ۾ بي پناهه مالي نقصان به کن??و آهي، پاڪستان پ??هنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان رکي ٿو.
افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا