اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي??دڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دع?? ڪئي. صدر دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر