اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين آدمش??ار?? ڪرائڻ جو اعلان ڪ??و آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چ??و آهي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمش??ار?? لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽ?? مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آدمش??ار?? هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمش??ار?? لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي جي ڊي پي جي قرض جو تناسب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع ??ي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.
آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2