اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جار?? ڪئي وئي، پورٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کان وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پورٽل کي 27 لک کان وڌيڪ شڪايتون مليون جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ٿيو، پورٽل ذريعي ملندڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران هڪ لک 36 ??زا?? کان وڌيڪ ملندڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 ??زا?? اڪلايون ويون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جار?? ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عادل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار ??لندڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار ??فاقي حڪومت، 9 لک 45 ??زا?? کان وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 ??زا?? خيبرپختونخواهه، هڪ لک 67 ??زا?? سنڌ، 22 ??زا?? 700 اسلام آباد، 19 ??زا?? 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ?? ڪشمير حڪومت جي خلاف مليون. وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت هيون جن جو انگ 4 لک 97 ??زا?? کان وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ رهيو. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 94 سيڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، اسلام آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ?? ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پورٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.
پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں