اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان عزم جو اظهار ڪيو آه?? ته فاٽا سڌارن کي ايندڙ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ايجنسي ڊولپمينٽ فنڊ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آه?? ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، سمورن پارلياماني اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي ٽائ??م فريم ڏنو ويندو، بلدياتي چونڊون آڪٽوبر 2018ع کان اڳ ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ٽائ??م فريم طئي ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو ٿورائتو آهيان هو منهنجو دوست آهي، مون کي افسوس آه?? ته سندس تقرير ٻڌڻ جي لاءِ وقت ??ي نه آيس جڏهن ته سندس تقرير جو باقي حصو آئون خميس ڏينهن ٻڌندس. وزيراعظم چيو ته اهو ضروري آه?? ته وزير ۽ ميمبر هتي موجود هجن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا