اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزي?? مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم مح??د نواز شريف جي ويزن موجب 19 سالن کانپوءِ آدمشماري جو عمل خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيو آهي جنهن تي پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي. آدمشماري جي عمل جي پڄاڻي کانپوءِ ٺوس بنيادن تي جامع معاشرتي ۽ معاشي منصوبابندي جون وڌيڪ راهون کلنديون. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته آدمشماري جي ڪامياب پ??اڻي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، هن آدمشماري جي عمل ۾ شريڪ سمورن استادن، سيڪيور??ي اهلڪارن ۽ آدمشماري جي عملي کي انهن جي اڻٿڪ مح??ت ۽ قومي فرض مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن