واشنگٽن-14 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن تحت پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ واپار تي زور ڀريو آهي. هن آمريڪي رياست پنسيلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ عالمي م??املن جي ڪائونسل کي خطاب ڪندي آمريڪي ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو ته ??و پنهنجي سيڙپڪاري خاص طور تي ٽيڪ اسٽارٽ اپس، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ صنعتن جي پورٽ فوليز ۾ اضافو ڪن. پاڪستاني سفير اسڪالرز، پاليسي سازن، قانونسازن، صنعتڪارن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ پروفيشنلز جي اجتماع کي ٻِڌايو ته ??اڪستان آمريڪي صنعتڪارن لاءِ هڪ وڏي م??رڪيٽ آهي، جيڪڏهن اوهان جديد ترين مصنوعات تيار ڪريو ٿا ته ??اڪستان ۾ اوهان جا 240 ملين صارفين آهن. هن چيو ته ??اڪ آمريڪا لاڳاپا، دهشتگردي خلاف جنگ، پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ علائقائي استحڪام جي م??املن تي ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن تي ڌيان ڏنو جنهن لاڳاپن کي نئون رخ فراهم ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان ڊجيٽل طور تي دنيا سان ڳنڍيل آهي. پاڪستاني سفير چيو ته اسان دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون ڪيو ۽ گڏجي دهشتگرد تنظيمن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. چين سان پاڪستان جي لاڳاپن بابت سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين سان لاڳاپا آمريڪا سان لاڳاپن جي قيمت تي ناهن، هن 70 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ چين ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته ??اڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت پاڪستاني سفير چيو ته 2014ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا به باقاعده ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اسان کي هڪٻئي سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردن سان وڙهڻ لاءِ پرڏيهي فوجي فنانسنگ (ايف ??يم ايف) ۽ فارن ملٽري سيلز (ايف ??يم ايس) جي مڪمل بحالي ۽ مدد جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن وچ اوڀر جي صورتحال جي پس منظر ۾ آمريڪا تي زور ڀريو ته ??و قائداڻو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جو استعمال ڪري. پاڪستاني سفير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي خوبصورتي ۽ ان جي روايتي مهمانوازي جو تجربو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته ??اڪستان وٽ 7500 گليشيئرز ??هن جيڪي تعداد جي لحاظ کان قطبي خطي کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن. پاڪستاني سفير تقريب جي ميزباني تي ۽ ورلڊ افيئرز ڪائونسل فلاڊيلفيا جي صدر ۽ سي اي او لارين سوارٽرز جو ٿورو مڃيو.
ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪن: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر