بيجنگ – 15 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان موقعي تي سڀني کي فائدو ٿيندو. گڏيل پڌرنامي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ هن فورم منعقد ڪرڻ تي چيني ??در کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت فور?? کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جو موضوع تحسين جوڳو آهي، ون بيلٽ ون روڊ عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. وزيراعظم خطي ۽ دنيا جي لاءِ فور?? کي تاريخي بڻائڻ تي چيني ??ڪومت ۽ عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ مملڪتي سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي شرڪت چيني ??در جي اعليٰ قيادت جو ثبوت ۽ عالمي منظر تي چين جي اڀرندڙ حيثيت جو اعتراف آهي. هن چيو ته فورم جي ڪاميابي ۽ او ??ي او آر جي صلاحيت کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ منهنجي لاءِ، منهنجي حڪومت ۽ پ??ڪستان جي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي.
پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری