ٺٽو – 09 مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٺٽي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ٺٽي جي عوام جي مطالبن کان وڌيڪ انهن جي لاءِ اع??ان ڪيا، وزيراعظم جي اع??انن جي زبردست آجيان ڪئي وئي ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن ڀرپور تاڙيون ۽ نع??ا هنيا. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ٺٽي اچي تمام گهڻو خوش آهي هن عوام پاران والهاڻي محبت جي اظهار تي چيو ته هو ٺٽي جي عوام سان محبت جي رشتي ۾ واڳيل آهي ۽ ساڻن دوستي ۽ محبت نڀائيندو. وزيراعظم ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان جي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اع??ان ڪيو ته عوام پرجوش انداز ۾ تاڙيون وڄايون ۽ نع??ا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا جنهن تي وزيراعظم چيو ته اڃا توهان کي ٻيا به تحف?? ڏيڻا آهن.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب