ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پارليامينٽ هڪ بل جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت عدالتن کي روس جي حڪومت طرفان دهشتگرد تنظيمن طور نامزد گروپن تي پابنديون معطل ڪرڻ ??ي اجازت ڏني ويندي، جنهن ??ان روس لاءِ افغان طالبان ۽ امڪاني طور شام جي نئين قيادت ??ان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي مي??يا مطابق روس جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ڊوما گذريل ڏينهن جنهن بل جي منظوري ڏني آهي ان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن کي قانوني طور تي ان فهرست مان ڪڍڻ واري طريقيڪار جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طريقي جي روشني ۾ طالبان ??ان لاڳاپيل مستقبل جي متوقع فيصلي لاءِ ضروري قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو. روس جي مٿين ايوان جي فيڊريشن ڪائونسل جمعي ڏينهن ان بل تي غور ڪندي جنهن کانپوءِ اهو مس??دو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي منظوري ??ان قانون بڻجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر