امراوتي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ د??ائون ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت جڏهن ته 34 زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رياست جي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هڪ فارماسيوٽيڪل فرم ايسائنٽيا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ??ي ن??يجي ۾ ڪمپني جا 17 ملازم فوت ۽ 34 زخمي ٿي پيا. ڌماڪو منجهند جي ماني جي وقت ٿيو، ڌماڪي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. پوليس سپرنٽنڊنٽ ملازمن جي فو??گي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪو ري ايڪٽر واري هنڌ ٿيو ۽ ان جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : راکی