واشنگٽن -03 جولائي (اي پ?? پي ) آمريڪا جلد يوڪرين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رستم ??مر??ف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته ??و واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي دفاع واري وزير چيو ته ??ئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ??رين هٿيارن جي پ??ڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. آمريڪا 2022ع کان يوڪرين کي 50ا??ب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم مشيرن ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته ??وڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪرين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ بابت آمريڪي پ??زيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پ??هنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم ??مر??ف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پ??سٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان اميد ??و اظهار ڪيو ته ??يٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج