گڏيل قومون-07 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏ??ڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پريس رليز موجب 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏ??ڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئ?? وڃي. 2022ع ۾ گڏيل قومن جي 193 ميمبرن تي ٻڌل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن کي پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم طرفان متعارف ڪرايو، جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏ??ڻ جي عالمي ڏينهن طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. قرارداد پيش ڪندي پاڪستان?? نمائندي منير اڪ??م چيو هو ته ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي رواداري ۽ امن جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ آهي. قرارداد کي او آءِ سي جي 57 ميمبرن ۽ چين ۽ روس سميت 8 ٻين ملڪن اسپانسر ڪيو.
پاڪستاني نمائندي منير اڪرم پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان اسلامو فوبيا جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ