تل ابيب – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ فيسٽول واري هنڌ تان هن وقت تائين مبينا طور تي 250 کان وڌيڪ لاش مليا آهن. برطانوي نشرياتي اداري اسرائيلي ريسڪيو ايجنسي زڪا جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته نگيو جي ريگستاني علائقي ۾ سپرنووا نالي ان ميوزڪ فيسٽول جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري هيون ۽ اهو اسڪوٽ نالي يهودي تهوار جي ??وق??ي تي منعقد ٿيڻو هو. پارٽي ۾ شريڪ هڪ عورت اسرائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح جو سائرن وڃڻ جي آواز سان گڏ ئي راڪيٽ هلڻ ۽ پوءِ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ان کانپوءِ گاڏين ۾ سوار فوجي ورديون پاتل هٿياربند پارٽي واري هنڌ داخل ٿي ويا. پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙ ان ??وق??ي تي جان بچ??ئڻ لاءِ پ??هنجن گاڏين ڏان??ن ڀڳا پر تمام گهڻي فائرنگ جي نتيجي ۾ جان بچ??ئڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪ??ي زخمي ٿيندا رهيا. عورت ٻڌايو ته هن جهاڙين ۾ لڪي پنهنجي جان بچ??ئي. پارٽي ۾ شريڪ هڪ ٻئي شخص ٻڌايو ته هن جي اندازي مطابق حملي وقت پارٽي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ 3 هزار هو.
ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ پارٽي واري هنڌ تان مليل لاشن جو انگ 250 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II