گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منص??ر چي?? آهي ته اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکي?? آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد ??را??م ڪرڻ جو چيو وي?? آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل انهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪي?? آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهي?? آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو وي?? آهي ته اسرائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهي?? آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل خلاف ڪنهن به فورم تي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهي?? آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria